سي ويو ۾ ڦاٿل جهاز آخر ڪار ڏيڍ مهيني کانپوءِ نڪري ويو

ڪراچي: ڪراچي جي سمنڊ سي وي ۾ ڦاٿل بحري جهاز هينگ ٽونگ 77 کي ڏيڍ مهيني جي ڪوششن باوجود آخر ڪار اڄ صبح ڪامياب آپريشن ذريعي وڏي پاڻي ۾ پهچايو ويو آهي. ڪراچي جي سمنڊ ۾ ڪنٽينرز سان ڀريل ڪارگو بحري جهاز 20 ۽ 21 جولاءِ تي واريءَ ۾ ڦاٿو هو، جنهن کي واپس وڏي پاڻي ۾ ڌڪڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ويا ۽ آخر ڪار اڄ جهاز کي سمنڊ ۾ پهچايو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏاڻي شپ بريڪنگ جي ايان شپ بريڪنگ ڪمپني جي عملي جهاز جي ريسڪيو ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اها ئي ڪمپني گذريل ڏينهن ۾ رسي ٽٽڻ سبب ڪيترائي ڀيرا ناڪام رهي. ڪمپني جي ذريعن موجب اڄ ٽگ ماسٽر سان ئي شپ کي ڪڍيو ويو آهي، پر رسي ٻئي طرح سان استعمال ڪئي وئي، سي ويو تي ڦاٿل جهاز کي اونهي پاڻي ۾ موڪلڻ جو آپريشن ڪاميا قرار ڏنو ويو آهي ۽ جهاز جو ڪنٽرول ٽگس حاصل ڪري ورتو، 48 ڏينهن تائين ڦاٿل جهاز هاڻي 3 ناٽيڪل ميل جي رفتار سان هلڻ لڳو آهي. خيال رهي ته 20 ۽ 21 جولاءِ جي رات پانامه ۾ رجسٽرڊ هينگ ٽونگ 77 ڪراچي بندرگاهه تي وڃڻ دوران اينڪر ڀڄي پوڻ ڪري سمنڊ جي ڪناري واريءَ ۾ ڦاسي پيو هو، جنهن کي اڄ ڪڍيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔