سنڌ ڪابينا اسڪول ڪلسٽرنگ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا اسڪول ڪلسٽرنگ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، پاليسي موجب هاڻي مخصوص علائقن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سڪينڊري اسڪولز کي گڏائي ڪلسٽر اسڪول ٺاهيو ويندو، ائين اسڪول انتظاميا ڊي سينٽرلائيز ٿي ويندي، ڪلسٽر اسڪول جي درجه بندي ڪئي ويندي، ڊويزن، ضلعي، تعلقي ۽ اسڪول ڪلسٽر ڪميٽيون جڙنديون. وڏي وزير مراد علي شاھ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ڊيٽا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسڪول ڪلسٽر ايريا ۾ ٻارن کي اسڪول تائين آڻڻ جو به ٽاسڪ ڏنو وڃي، ڪابينا اسڪولز جي اپگريڊيشن جي به منظوري ڏئي ڇڏي، صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته ميونسپل جي حد کان ٻاهر پرائمري اسڪول اندر پنجين ڪلاس ۾ 20 ڇوڪرا ۽ 15 ڇوڪريون پڙهن ٿيون ته اُن کي ايليمينٽري اسڪول ٺاهيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔