سنڌ هاءِ ڪورٽ سئي گئس ڪمپني مان فارغ ملازمن جي بحالي واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سئي گئس ڪمپني مان فارغ ملازمن جي بحالي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، درخواستگذارن کي سپريم ڪورٽ سان رابطي جي هدايت ڪئي وئي آھي. برطرف ملازمن جي وڪيل ضمير گهمرو دليل ڏنا ته سپريم ڪورٽ جيڪو ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏنو آهي، درخواستگذار ملازم اُن ايڪٽ تحت بحال نه ٿيا هئا، عدالتي فيصلي بعد ايس ايس جي سي مان 360 ملازمن کي فارغ ڪيو ويو، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته فارغ ٿيل ملازم سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪن، ائين نٿو ٿي سگهي ته آرڊيننس آڻي ملازمن کي بحال ڪريو، آرڊيننس ختم ٿئي ته اُن کانپوءِ قانون ٺاهيو، ائين ملازم انجواءِ ڪندا رهندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔