درسي ڪتابن جي کوٽ ناهي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ

ڄامشورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. بورڊ جي سيڪريٽري حفيظ الله مهر چيو آهي ته مختلف اسڪولن ۾ ڪتابن جي رسائي نه ٿيڻ واريون خبرون بي بنياد آهن، ڪجه ڌريون سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. حفيظ الله مهر چيو ته چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پرويز احمد بلوچ حيدرآباد، نوابشاهه، عمرڪوٽ، ۽ ٻين ضلعن جا دورا ڪري جائزو ورتو آهي، پر ڪنهن به اسڪول مان ڪتابن جي کوٽ جي ڪا به شڪايت ناهي ملي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تعلقه ايجوڪيشن آفيسر کي بائيوميٽرڪ سسٽم ذريعي گهربل ڪتاب ڏنا ويندا آهن، تعلقه ايجوڪيشن آفيسرز جي ويئر هائوسس ۾ ڪتابن جو وڏو اسٽاڪ موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔