ڪينٽونمينٽ بورڊ اليڪشن: پي ٽي آءِ اميدوارن ۽ اڳواڻن کي شوڪاز نوٽيس جاري

ڪراچي: ڪينٽونمينٽ بورڊ اليڪشن 2021، ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر امين بشير قريشي وفاقي وزير علي زيدي، فيصل ڪنٽونمينٽ جي وارڊ نمبر 2 جي اميدوار محمد فاروق کي شوڪاز ۽ پي ٽي آئي ايم پي فردوس شميم نقوي ۽ بلال غفار کي وارننگ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر پاران وفاقي وزير علي زيدي کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ اسان جي مانيٽرنگ ٽيم کي معلومات ملي آھي تہ علي زيدي پي ٽي آئي اميدوارن کي فنڊز فراھم ڪيا آھن،ترقياتي فنڊز فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ وارڊ نمبر 2 جي اميدوارن کي فراھم ڪيا ويا آھن، ٻن ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرايو وڃي نہ تہ توھان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏھن تہ فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ وارڊ 2 جي اميدوار محمد فاروق کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي وارڊ جي حدن ۾ ترقياتي ڪم فوري طور تي بند ڪري 24 ڪلاڪن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آھي، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ جواب نہ ڏيڻ جي صورت ۾ معاملو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي لکيو ويندو ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي،جڏھن تہ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آئي ايم پي ايم فردوس شميم نقوي ۽ بلال غفار کي وارننگ نوٽيس جاري ڪندي ڄاڻايو آھي تہ توھان اليڪشن ڪميشن جي رولز جي ڀڃڪڙي ڪري رھيا آھيو، ماڻھو فردوس شميم نقوي ۽ بلال غفار کي ڪيمپين ۾ شرڪت لاءِ دعوتون ڏين پيا، اسان کي خبر پئي آھي تہ توھان عسڪري فور فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ جي ايريا ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ وڃو پيا، اھڙين سرگرمين کان پاسو ڪيو نہ تہ توھان خلاف اليڪشن ڪميشن جي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔