ڪراچي: پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس ٻيهر تبديل، وفاقي ڪابينا چيف سيڪريٽري جواد رفيق جي جاءِ ڪامران علي افضل کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا چيف سيڪريٽري پنجاب جواد رفيق ۽ آءِ جي پنجاب انعام غني کي تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ھيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، گھرو وزارت طرفان نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان دوري بابت بريفنگ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي ڪارروائي دوران چيف سيڪريٽري پنجاب جواد رفيق جي جاءِ تي ڪامران علي افضل کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏھن تھ آءِ جي پنجاب جي مقرري جي لاءِ رائو سردار جي نالي جي بھ منظوري ڏني وئي.