بحريا ٽائون جي والار۽ قومپرستن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سنڌ ۾ مظاهرا

ڪراچي: بحريا ٽائون جي والار، ڌارين جي آبادڪاري ۽ قومپرست قيادت تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جَي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ سکر ۾ مظاهرا ڪيا ويا آھن. جلال محمد شاهه، زين شاهه ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي. اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ سنڌ سان سچو رھندڙ اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، بحا ٽائون جي والار جي مذمت ڪيون ٿا، ڌارين سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، مقامي ماڻھن کي بيروزگار ڪري ڌارين کي صنعتن ۾ آباد ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔