وفاقي حڪومت طرفان پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل هر صورت ۾ آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت طرفان پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل هر صورت ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته يوم دفاع جِي تقريب کي خطاب ۾ آرمي چيف فيڪ نيوز ۽ غلط ڄاڻ کي ملڪي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو، آرمي چيف جو تجزيو حقيقت تي ٻڌل آهي، اِن ڪري پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل آڻي رهيا آهيون، آزاد صحافت کي سڀ کان وڏو خطرو زرد صحافت مان آهي. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ميان جاويد لطيف چيو آهي تهڇا غلطي جي نشاندهي ڪرڻ غداري جي زمري ۾ اچي ٿو، ڇا اسان اوڀر پاڪستان مان ڪو سبق سکڻ نٿا چاهيون؟، ميڊيا تي پابندين سان ملڪ نتيجا ڀوڳيندو. ھن چيو تھ جيڪڏهن هر شيءِ کي ڪنٽرول ڪيو ويندو ته نتيجا ڪير به ڪنٽرول نه ڪري سگهندو، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ڪم ڪندڙن کي ميڊيا مان ڪو خطرو نه هُجڻ گهرجي، ميڊيا بابت بل پاس ٿيڻ کان اڳ ئي اسلام آباد ۾ صحافين تي حملا ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔