پنجشير ۾ مزاحمتي فورس جي ڪمانڊر ۽ ٻين جي مارجڻ جي تصديق

ڪراچي: افغانستان جي صوبي پنجشير ۾ طالبان سان ويڙهه دوران قومي مزاحمتي محاذ افغانستان جي ڪمانڊر جنرل عبدالودود زره ۽ ترمان فهيم دشتي جي مارجڻ جي تصديق ٿي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪمانڊر جنرل عبدالودود زره ۽ ترجمان فهيم دشتي جي مارجي وڃڻ جي تصديق مزاحمتي محاذ جي طرفان ڪئي وئي آهي.

هن کان اڳ افغان ميڊيا رپورٽس ۾ به وادي پنجشير ۾ طالبان سان ويڙهه دوران فهيم دشتي سوڌو فورس جي ٻين اهم ڪمانڊرز جي مارجڻ جي اطلاع ڏني هئي.

واضح رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پنجشير ۾ طالبان ۽ مزاحمتي فورس جي و ۾ جنگ جاري آهي، جڏهن ته طالبان جي طرفان صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ڪنٽرول جي دعويٰ وئي آهي.

ٻئي پاسي طالبان ترجمان ذبيح الله مجاد دعويٰ ڪئي هئي ته احمد مسعود ۽ اڳوڻي نائب صدر امر الله صالح تاجڪستان فرا ٿي ويا آهن پر احمد مسعود هن جي ترديد ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔