وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ استادن جي جينز پائڻ تي پابندي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ استادن جي لاءِ ڊريس ڪوڊ لاڳو ڪيا ويا آهن. وفاقي تعليم کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت عورت استادن جي جينز ۽ ٽائٽس پائڻ جڏهن ته مرد استادن جي جينز ۽ ٽي شرٽ پائڻ تي پابندي هوندي.

پردو ڪندڙ استاد عورتن کي صاف سٿرو  اسڪارف ۽ حجاب پائڻ جي اجازت هوندي. عورت استادياڻيون سينڊل ۽ اسٽيڪر پائي سگهن ٿيون. جڏهن ته سليپر پائڻ جي اجازت نه هوندي. اهڙي طرح مرد استادن کي سياري ۾ گرم چادر پائڻ جي اجازت نه هوندي پر  سياري ۾ خوبصورت رنگ ۽ ڊيزائن جا سوئيٽر، ڪوٽ ۽ جرسي پائي سگهندا.

وفاقي تعليم کاتي ايريا  ايجوڪيشن آفيسرن کي ڊريس ڪوڊ تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مرد استاد شلوار قميص سان گڏ واسڪوٽي پائين. ڪلاسن ۾ استاد ٽيچنگ گائون ۽ ليبارٽري ۾ ليب ڪوٽ پائين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔