ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ صبح کان ئي وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي.

رپورٽ موجب ڪراچي ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل ڏينهن جي سخت گرمي کان پوءِ موسم هڪ دفعو ٻيهر خوشگوار ٿي ويو آهي. ڊفينس، صدر، ڪلفٽن، ايم اي جناح روڊ، گلستان جوهر، گلشن اقبال، گلشن حديد، ملير، سهراب ڳوٺ، ڪورنگي، اورنگي، لانڍي، ايم نائن موٽر وي، سنڌي مسلم سوسائٽي، بلديه ٽائون، شاهراهه فيصل ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات پئي آهي.

هلڪي برسات سبب روڊن تي ترڪڻ ٿيڻ سبب ڪيترائي موٽر سائيڪل سوار حادٿن جو شڪار ٿيا آهن. پر ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي. برسات سبب مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي. چيف ميٽرولوجسٽ ڪراچي سردار سرفراز  چيو آهي ته ڀارت ۾ موجود برسات جي سسٽم جا اثر به سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن.

هڪ کان ٻن ڏينهن جي دوران شهر جو موسم جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي. ان دوران هلڪي برسات  ۽ بوندا باندي به پئجي سگهي ٿي. هوڏانهن ميرپورساڪري ۽ ڀرپاسي ۾ تيز وسڪاري سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ بجلي جو نظام به درهم برهم ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔