پرويز مشرف جي وڏي غلطي طاقتورن کي اين آر او ڏيڻ ھئي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ پرويز مشرف جو سڀ کان وڏو ڏوهه طاقتورن کي اين آرو ڏيڻ هو، پئسو مشرف جو نه پر عوام جو هو، مشرف کي اهو حق نه هو ته ڪنهن کي اين آر او ڏئي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران عمران خان چيو ته طاقتور هميشه قانون کان مٿانهون رهڻ چاهي ٿو، هيءَ سڀ گڏجي چوندا آهن ته اسان لاءِ ڌار قانون ٺاهيو، قانون جي بالادستي نه هُجڻ سبب اسان پوئتي رهجي وياسين، بنگلاديش ۽ ڀارت اڳتي نڪري ويا، ڊڪٽيٽر خلاف ججز بحالي تحريڪ جا گهربل نتيجا نه ملي سگهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔