سام سنگ انوکي ايجاد سان دنيا کي حيران ڪرڻ لاءِ تيار

سام سنگ دنيا جي وڏي ڪمپنين مان هڪ آهي جيڪا مختلف وقتن ۾ دنيا کي حيران ڪندڙ ايجادون ڏيندي رهندي آهي.
تازو ڪمپني طرفان فولڊ ايبل سمارٽ فون تي ڪم ڪيو ويو آهي، پر هن وقت تائين ڪاغذ جيان لچڪ واري ڊوائيس تيار ناهي ڪئي وئي.
پر ڏکڻ ڪورين ڪمپني تمام جلد حقيقي فولڊ ايبل ڊوائيس هڪ ليپ ٽاپ جي صورت ۾ متعارف ڪرائي سگهي ٿي جنهن جي ڪانسيپٽ ماڊل جي جهلڪ مئي 2021 ۾ ڏيکاري وئي هئي.
سام موبائل جي هڪ رپورٽ موجب سام سنگ طرفان 17 انچ جي فولڊ ٿيندڙ ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ هائبرڊ ڊيوائس کي تيار ڪري سگهجي ٿو.
ان ڊوائيس کي گيڪسي بڪ فولڊ 17 جو نالو ڏنو ويو آهي.
ٽوئيٽر تي هڪ واهپيدار ان ڊوائيس جي حوالي سان ڪجهه تفصيل ٻڌايا هئا پر هن وقت تائين وڌيڪ ڄاڻ حاصل ناٿي ٿي سگهي.
رڳو اها خبر پئي آهي ته ان ليپ ٽاپ ۾ لچڪ واري 17 انچ جو ڊسپلي هوندو ۽ سام سنگ طرفان هڪ ٽچ اسڪرين ڪي بورڊ ڏنو ويندو.
پر سام سنگ جي ڪانسيپٽ وڊيو مان اهو اشارو ملي ٿو ته ان ڊيوائيس کي ليپ ٽاپ سان گڏوگڏ فولڊ ايبل ٽيبليٽ طور به استعمال ڪيو ويندو.
ان ليپ ٽاپ جي ٻين فيچرز بابت ڪجهه چوڻ ته وقت کان اڳ هوندو پر جيڪي فيچر وڊيو ۾ ڏيکاريا ويا هئا اهي حيران ڪندڙ هئا.
وڊيو ۾ ڊوائيس ۾ بيزل نه هئڻ برابر هئا جڏهن ته انڊر ڊسپلي ڪيميرا ڏني وئي هئي پر ڪمرشل پروڊڪٽ جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪيميرا ڊسپلي اندر موجود نه هجي.
واضح رهي ته سام سنگ پنهنجو پهريون انڊر ڊسپلي ڪيميرا وارو فون گليڪسي زي فولڊ 3 جي صورت ۾ متعارف ڪرايو هو ته 17 انچ جي ليپ ٽاپ/ٽيبليٽ ۾ به ان ٽيڪنالاجي جي موجودگي ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي.
ان ليپ ٽاپ کي ڪڏهن پيش ڪيو ويندو اها هن وقت تائين خبر ناهي پئجي سگهي، پر ڪمپني طرفان ان تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ لڳي ائين ٿو ته ايندڙ هفتن ۾ يا مهينن ۾ ان بابت وڌيڪ تفصيل سامهون اچي وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔