ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي طبيعت خراب ٿي پئي، اسپتال داخل

انسٽا گرام تي حريم شاهه بنا ڪئپشن جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل آهي ۽عملو کيس طبي امداد ڏئي رهيو آهي. وڊيو ۾ ٽڪ ٽاڪر کي اسپتال جو لباس پاتل آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هوءَ ايمرجنسي وارڊ ۾ نه پر کيس باقاعدي طور تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو اهي. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته حريم شاهه کي ڊرپ لڳل آهي ۽ کيس طبي عملو هڪ انجيڪشن لڳائي رهيو آهي. اڃا اهو واضح ناهي ٿيو ته اها ڪهڙي اسپتال آهي هو ڪهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي اسپتال ڀيڙي ٿي آهي. ڪئپشن ۾ ڪنهن قسم جي وضاحت نه ڪرڻ جي ڪري ٽڪ ٽاڪر جا مداح پنهنجي منهن اندازا لڳائي رهيا آهن. حريم شاهه ڪجھه ڏينهن اڳ ترڪيءَ جي مختلف هنڌن جا وڊيوز شيئر ڪيا هئا. ان کان اڳ ٽڪ ٽاڪر اسٽار جي ان دعويٰءِ سنڌ جي سياست ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو ته هن پيپلز پارٽيءَ جي اسيمبلي ميمبر ۽ مشهور وزير سان شادي ڪئي آهي ۽ هوءَ پنهنجي مڙس جو نالو مڙس پاران پنهنجي پهرين گھر واريءَ کان اجازت کان پوءِ نالو ظاهر ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔