ڀارت ۾ ڪورونا جا ٻارن تي حملا، پاڪستان لاءِ به خطرو وڌي ويو

ڀارت ۾ ڪورونا سان متاثر ٻارن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ ماهرن خبردار ڪيو ڀارت امڪاني طور ڪورونا جي ٽين لهر کي منهن ڏيندو.
ٻارن ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيڻ جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ سامهون اچي رهيا آهن، رياستي صحت کاتي موجب جنوري ۾ ٻارن ۾ 20326 ڪووڊ ڪيسن سان شرح رڳو 6 سيڪڙو هئي، مئي ۾ ٻي لهر ۾ تقريبن 71555 ٻار متاثر ٿيا، جون ۾ 8.8 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا، جولاءِ ۾ وڌي 9.5 ٿيا ۽ آگسٽ ۾ 10 سيڪڙو تائين پهچي ويا آهن.
رياست جي ٽاسڪ فورس جي ميمبر ڊاڪٽر سرينواسن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ڀارت ۾ امڪاني طور ٽين لهر اچي سگهي ٿي، 12 سيڪڙو ڪيس ٻارن جا ٿي سگهن ٿا پر مجموعي طور رڳو 5 سيڪڙو ماڻهن کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت هوندي ۽ اسپتال ۾ داخل سمورا ٻار نازڪ نه هوندا.
هن چيو ته 10 سالن کان وڌيڪ عمر جا ٻار اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي انگ ۾ معمولي واڌ ٿي آهي، 10 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي بيمارين جون ويڪسينز ڏنيون وينديون آهن، انهن ۾ مدافعتي قوت وڌي ويندي آهي، تنهن ڪري انهن جي اسپتال داخل ٿيڻ جو خطرو ناهي پر 10 سال کان وڌيڪ عمر جي ٻارن کي ڪا ويڪسين ناهي ڏني ويندي.
تامل ناڊو ۾ گذريل 8 مهينن دوران 24 ٻارن جو موت ٿيو، جنوري، فيبروري، مارچ ۽ آگسٽ ۾ ڪا فوتگي نه ٿي پر اهو انگ جون ۾ 13، مئي ۾ 8، جولاءِ ۾ 2 ۽ اپريل ۾ هڪ هو، هن سال ٻارن جي موت جي سڀ کان وڌيڪ شرح جون ۾ 0.16 سيڪڙو هئي.
رياستي پيڊياٽرڪ مئنيجمينٽ ٽاسڪ فورس جي هڪ ٻئي ميمبر ڊاڪٽر ٿيراني راجن موجب ڪورونا وائرس ٻارن ۾ سخت بيماري جو سبب ناهي بڻجندو، پوءِ به ٻارن لاءِ ويڪسين جي تياري کانپوءِ اهي وڌيڪ محفوظ ٿي ويندا.
واضح رهي ته ڀارت ۾ ٻار ڪورونا وائرس سان تيزيءَ سان متاثر ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان لاءِ به اهڙو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، ڇو ته ان کان اڳ ڊيلٽا ۽ ٻيا وائرس ڀارت کانپوءِ پاڪستان ۾ به پنهنجو اثر ڏيکاري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔