وزيراعظم وفاقي وزير کي ڪارناما ٻڌائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

سيالڪوٽ: وزيراعظم عمران خان مسلم ليگ ن جي گذريل حڪومتي دور کان وڌيڪ ۽ سستا روڊ ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔وزيراعظم عمران خان وفاقي وزير فواد چوڌري کي عوام کي حڪومتي ڪارنامن کان آگاهه ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. سيالڪوٽ، کاريان موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هاڻي روڊن جي ڪميشن مان لنڊن ۾ فليٽ نٿا ٺهن.وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان پوئين حڪومت کان ٽي ڀيرا وڌيڪ روڊ ٺاهي چڪا آهيون ۽ اسان پوئين حڪومت کان سستا روڊ ٺاهيا آهن اهي روڊن جي ڪميشن مان لنڊن ۾ فليٽ وٺندا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔