وفاقي حڪومت پاران سي اين جي تي ٽيڪس وڌائڻ کانپوءِ واپارين اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي:وفاقي حڪومت پاران سي اين جي تي ٽيڪس وڌائڻ کانپوءِ سي اين جي جي واپارين اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،سي اين جي ايسوسئشن جي اڳواڻ غياث پراچا جو چوڻ آهي ته اوگرا جي نوٽيفڪيشن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ايل پي جي ۽ پيٽرول تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي باوجود سي اين جي تي ٽيڪس وڌائڻ سان سي اين جي اگهن ۾ اضافو ٿيندو، جنهن مطابق پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ سي اين جي في ليٽر 18 روپيا اضافو ٿيندو، جنهن بعد سي اين جي جو اگهه في ليٽر 125 روپيا ٿي ويندو،جڏهن ته سنڌ ۾ سي اين جي اگهه ۾ 28 روپيا في ڪلو اضافو ٿيندو، جنهن بعد سنڌ ۾ سي اين جي 192 روپيا في ڪلو جي حساب سان ملي سگهندي، هن چيو ته ٽيڪس واري فيصلي کانپوءِ ڪٿي ڪٿي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي پر باضابطه طور اگهه وڌائڻ لاءِ اوگرا جي نوٽيفڪيشن جو انتظار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔