سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1121 نوان ڪيس ظاهر، 12 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1121 نوان ڪيس ظاهر، 12 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 692 مريضن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 47962 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي جن مان 47042 مريض گھرن ۾، 40 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 880 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، 784 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 66 مريض وينٽيليٽر تي بآهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 492 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. حيدرآباد ۾ 118، ڄامشوري ۾ 66، ٽنڊواللهيار ۾ 45، ٿرپارڪر ۾ 35، ٺٽي ۾ 31، سانگھڙ ۾ 29، بدين ۽ مٽياري ضلعن ۾ 27_27، نوشهروفيروز ۾ 26، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن ۾ 23_23، عمرڪوٽ ۽ خيرپور ضلعن ۾ 21_21، ڪشمور ۾ 20، سجاول ۾ 19، دادو ۾ 18، گھوٽڪي ۾ 17، ميرپورخاص ۽ شڪارپور ۾ 16_16، جيڪب آباد ۾ 10 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 6 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔