افغانستان جي نئين انتظاميا جو اعلان ھفتي تائين ملتوي

ڪابل: افغانستان ۾ نئين حڪومت جو اعلان اڄ ٿيڻو ھو، ھن وقت تائين جي اطلاعن موجب نئين افغان انتظاميا جو اعلان ھفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آھي. غيرملڪي خابرو اداري موجب افغانستان جي نئين انتظاميا جو اعلان جمعي نماز بعد ٿيڻو ھو، جڏھن تھ طالبان ترجمان جو چوڻ آھي تھ نئين انتظاميا جو اعلان ھفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آھي، ان کان اڳ اطلاع ھئا تھ نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ طالبان جمعي نماز بعد ڪابل ۾ اھم اجلاس طلب ڪري رکيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔