سينيٽ جي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جو نيب خلاف اعلان

اسلام آباد: سينيٽر سليم مانڊوي والا پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين سان گڏجي نيب خلاف جاچ جو اعلان ڪيو آهي. سينيٽر سليم مانڊوي والا نيب جي مبينا ڪرپشن جا ثبوت آڻڻ جو اعلان پڻ ڪيو. هن چيو ته ڊي جي عرفان منگي سميت نيب جا آفيسر بليڪ ميلنگ تي لهي آيا آهن. سليم مانڊوي والا جو چوڻ آهي ته نيب جا آفيسر پاڻ سڌي ريت ڪرپشن ۽ بليڪ ميلنگ ۾ ملوث آهن. سليم مانڊوي والا چيو ته مان ايندڙ هفتي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندس ۽ نيب جي ڪرپشن جا ثبوت پيش ڪندس، هن چيو ته ڊي جي عرفان منگي ۽ ٻيا عملدار نيب کي تباهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائي رهيا آهن. سليم مانڊوي والا جو چوڻ آهي ته ماڻهو ڌمڪيون ڏيڻ ۽ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن، سينيٽ جي چيئرمين مون کي روڪيو آهي نيب جي چيئرمين کي نه گهرايان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔