ناميارو شاعر غلام حسين رنگريز آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

ميرپوربٺورو: سنڌ جو ناميارو اديب، شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام حسين رنگريز جي تدفين ميرپوربٺورو جي ميون عبدالله قبرستان ۾ ڪئي وئي. تدفين وقت واپارين ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، رنگريز جي جنازي نماز ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، تاج جويو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ، پنهل ساريو، ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ايم اين اي اياز شيرازي، مشڪور ڦلڪارو سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين، واپارين، وڪيل برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غلام حسين رنگريز 18 اپريل 1945 تي ميرپوربٺورو ۾ شفيع محمد کٽي جي گهر ۾ جنم ورتو، بنيادي تعليم ميرپوربٺورو مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪئي، 1963 ۽ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ 1984 ۾ ٽيچر ٽريننگ ڪاليج فار مين ميرپوربٺورو ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي 1994 مان رٽائرمنٽ وٺي 1995 کان وڪالت جي باقاعدي شروعات ڪئي ۽ آخر تائين وڪالت واري پيشي سان لاڳاپيل رهيو.غلام حسين رنگريز کي ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو جڏهن ته سندس حياتي ۾ سندس ٻه نوجوان پٽ محمد يوسف ۽ عبدالمنان ۽ سندس هڪ نياڻي حادثاتي طور وڇڙي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔