عورت اڪيلي ٻاهر نه نڪري! سينيٽر عابده عظيم جي جملي تي شيرين مزاري ڪاوڙجي پئي

اسلام آباد: مينار پاڪستان واقعي جي حوالي سان سينيٽ جي انساني حقن جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي ته متاثر عورت عائشه اڪرم جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ دوران 6 ڄڻن جي سڃاڻپ ڪئي، جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سينيٽر عابده عظيم چيو ته عورت جو به ڏوهه آهي ته اها اڪيلي ٻاهر نه نڪري، ان تي شيرين مزاري ڪاوڙجي چيو ته توهان ايئن نه چئو ته عورت جو ڏوهه آهي، پوءِ مردن کي به چئو ته اهي اڪيلو ٻاهر نه نڪرن. عابده عظيم چيو ته عورت اڪيلي نڪرندي ته اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا جيڪي نه ٿيڻ گهرجن، تنهن تي شيرين مزاري چيو ته اسان اهو نٿا چئي سگهون ته عورت سان گڏ مرد هجي ته پوءِ ئي ٻاهر نڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔