پاڪستان چمن بارڊر کي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان سيڪيورٽي خدشن جي ڪري افغانستان سان ڳنڍيل چمن بارڊر کي اچ وڃ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چمن بارڊر کي سيڪيورٽي جي خدشن سبب عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هن کان اڳ گهرو وزير شيخ رشيد به اسلام آباد ۾ صحافين ڳالهائيندي چيو ته چمن بارڊر کي ڪجهه عرصي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته افغان طالبان به گذريل مهيني ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ چمن ڪراسنگ کي اچ وڃ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي پاڪستاني عملدارن سان گڏ ڳالهيون ڪرڻ بعد ٻيهر کوليو ويو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔