ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن جي زمين ڪنهن جي آهي؟ سيڪريٽري سڌو جواب نه ڏئي سگهيو، چيف جسٽس جي ڪاوڙ!

ڪراچي: سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ٻيلي کاتي جي سيڪريٽي جي جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته هي ڪهڙو گول مول جواب آهي؟ ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن جو مالڪ ڪير آهي؟ جنهن تي سيڪريٽري بدر جميل چيو ته ٻيٽن جي زمين پورٽ قاسم کي ڏني هئي. زمين صوبي جي ملڪيت آهي، صوبي وٽ هجڻ گهرجي ها. جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ مان چيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي، هجڻ گهرجي ها، ڇو هجڻ گهرجي ها؟ مونکي ٻڌايو ته زمين صوبي جي ملڪيت آهي يا نه؟ جيڪڏهن پورٽ قاسم کي زمين ڏني وئي ها ته ڪجهه حدون ته مقرر ڪيون وڃن ها؟ صوبي جي زمين جي مالڪي ڇونٿا ڪيو، پنهنجي زمين جي مالڪي ڪيو ٿا ته صوبي جي ڇونه؟ ڇا ٻيٽن جي زمين ڪنهن بلڊر کي ڏئي مال ڪمائڻو آهي؟ اھڙي آفيسر کي سيڪريٽري ٿيڻ جو ڪو حق ناھي جيڪو گول مول جواب ڏئي، اسان چيف سيڪريٽري سنڌ کي سڏايون ٿا، مون کي بليڪ اينڊ وائيٽ جواب گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔