موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ به برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي: چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ ڏينهن جو گرمي پوندي جڏهن ته ٻنپهرن جو تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.  سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ اڄ گرمي لاڳيتو رهندي پر ٻنپهرن جو تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب 4 سيپٽمبر کان موسم معمول تي اچي ويندو. گذريل سال جي نسبت هن ڀيري برساتون گهٽ ٿيون آهن. هن ڀيري آگسٽ ۾ 65 سيڪڙو برساتون گهٽ پيون. پر سيپٽمبر جي وچ تائين برساتن جا ٻه اسپيل اچڻ جو به امڪان آهي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان گرمي جي شدت ۾ لاڳيتو اضافو ٿيو آهي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ برسات گلشن حديد ۾ 12 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب سموري سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو سڀاڻي تائين جاري رهندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن برسات کان اڳ ئي اليڪٽرڪ جو سسٽم ويهي رهيو هو ڪراچي ۾ 1400 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سان شهر اونداهي ۾ ٻڏي ويو هو. ڪي اليڪٽرڪ جي ذريعن جو ان حوالي سان چيو آهي ته نيشنل گرڊ مان ايندڙ 500 جي ڪي وي هاءِ ٽرانسميشن لائن ۾ خرابي پيدا ٿي هئي جنهن سبب ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي هئي. حيسڪو ريجن جا به 71 گرڊ اسٽيشن بند ٿيا آهن جنهن سبب مٽياري، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، سانگهڙ، ٽنڊوآدم، بدين، ٿرپارڪر، ٽنڊومحمدخان ۽ ڪوٽڙي ۾ به بجلي جي فراهمي معطل رهي.

ان حوالي سان ذريعن چيو آهي ته ڄامشورو ۾ اين ٽي ڊي سي جي يارڊ تي کنوڻ ڪري هئي جنهن سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي. ذريعن موجب 500 ڪي وي ڪي يارڊ تي بجلي ڪرڻ سبب حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔