ڪشمير جي آزادي جي معتبر ۽ بزرگ اڳواڻ سيد علي گيلاني کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

اسلام آباد:ڪشمير جي آزادي جي معتبر ۽ بزرگ اڳواڻ سيد علي گيلاني کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڀارت ان موقعي تي به ڪشميرين جي آواز دٻائڻ جي لاءِ وادي ۾ اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو ڪري رکيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سيد علي شاهه گيلاني کي فجر جي نماز کان اڳ سري نگر جي حيدر پوره جامع مسجد جي احاطي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. کيس سندس 2 پٽن ڊاڪٽر سيد نعيم گيلاني ۽ سيد نسيم  گيلاني مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. حريت اڳواڻن ۽ عوام کي جنازي نماز ۾ شرڪت کان روڪڻ جي لاءِ جامع مسجد ۽ سيد علي گيلاني جي رهائشگاهه ويجهو ڀارتي فوج ۽ ڪٺ پتلي پوليس جي وڏي نفري مقرر هئي جنهن سبب سندس گهر ڀاتي ۽ پاڙي وارا ئي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪري سگهيا. پر ان دوران به ڪشمير جي آزادي ۽ ڀارت جي خلاف نعرن جا آواز گونجندا رهيا.

سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي جي خبر سامهون اچڻ کان پوءِ گذريل رات ئي قابض ڀارتي انتظاميه سري نگر سميت وادي ۾ اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو هو. موبائل فون ۽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي سهوليت  بند ڪئي وئي آهي. عظيم حريت اڳواڻ جي گهر طرف روڊن کي سيل ڪيو ويو آهي. ڪنهن کي به اتي وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.

ٻئي طرف سيد علي شاهه گيلاني جي اباڻي ضلعي سوپور ۾ به سخت پابنديون لاڳون ڪيون ويون آهن. ڀارتي فوج ۽ ٻين فوجي دستن کي روڊن تي مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته سيد علي گيلاني گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو هو. ان جي لاڏاڻي تي وزيراعظم ۽ آرمي چيف سميت ملڪ جي سمورين اهم شخصيتن تعزيت جو اظهار ڪيو اهي. ان جي لاڏاڻي تي سموري ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي هڪ ڏينهن سوڳ ملهايو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔