گٽڪو اڇلاءِ هينئر, ڪنوار گھوٽ کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي

ممبئي : ڀارت ۾ شاديءَ جي دوران هڪ غير معمولي واقعو پيش اچڻ هاڻي هڪ معمول جي ڳالهه بڻجي ويو آهي ۽ هاڻي شاديءَ جي ڏينهن مهانن جي سامهون گھوٽ ڪنوار هڪ ٻئي تي هٿ ڪٽن جا واقعا به وڌندا پيا وڃن، ڀارتي ميڊيا تي هڪ شاديءَ دوران ٺاهيل وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ناراض ڪنوار گھوٽ ۽ منڊپ ۾ موجود پنڊت تي هٿ کڻڻدي ڏسي سگھجي ٿي. ميڊيائي رپورٽن موجب وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ناراض نظر ايندڙ ڪنوار منڊپ ۾ ويٺل پنڊت ۽ گھوٽ جي وچ ۾ موجود آهي، ڪنوارن طرفان پهريان پنڊٽ کي چماٽ هنئي وئي پوءِ گھوٽ طرف پاسو بدلائيندي ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿي، وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته پنڊت کي چماٽ هڻڻ کان پوءِ ڪنوار گٽڪو کائيندي ڏسي گھوٽ کي به چماٽ ٿي هڻي ۽ ان کي فوري طور گٽڪو ٿڪڻ جو حڪم ٿي ڏئي، جنهن کان پوءِ وڊيو ۾ گھوٽ کي منڊپ ۾ بيهي شادي ۾ شريڪ عورتن کي هٽائي گٽڪو ٿوڪيندي ڏسي سگھجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔