جن کي منهنجو ڳائڻ نه ٿو وڻي اهي نه ٻڌن: عليزي شاهه

لاهور: پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ گلوڪارا عليزي شاهه چيو آهي ته جيڪي ماڻهو منهنجو گانو ٻڌڻ نه ٿا چاهي اهي نه ٻڌن، هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته آئون رڳو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي چاهيندڙن لاءِ ڳائيندي آهيان، توهان مان ڪنهن کي مسئلو آهي ته وڊيو ڏسڻ ڇڏي ڏيو. هن تازو ئي گلوڪار راحت فتح علي خان جو مشهور گانو او ري پيا ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو هو. هن چيو ته هي گانو انهن مداحن جي فرمائش تي ڳائي رهي آهيان جيڪي روز دوگانو ڳائڻ جو چوندا آهن، خبر اٿم ته وارن ۾ بم ڦاٽل آهي ان ڪري ڏسندڙن کان معافي ٿي وٺان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔