انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ وڏو شرط رکي ڇڏيو

جيڪڏهن اوهان انسٽاگرام تي پنهنجي تصوير لاڳيتون پوسٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته جلد ئي اوهان کي سوشل ميڊيا ايپ سان لازمي طور تي پنهنجي ڄم جي تاريخ شيئر ڪرڻي پوندي.
اطلاع آهن ته فيس بڪ جي اها ايپ پنهنجي ننڍي عمر جي واهپيدارن جي تحفظ کي وڌائڻ جي مشن تي آهي جنهن تحت واهپيدارن کي لازمي طور تي پنهنجي ڄم جي تاريخ انسٽاگرام کي ٻڌائڻي پوندي.
انسٽاگرام ويب سائيٽ تي هڪ تازي بلاگ پوسٽ ۾، يوٿ پروڊڪٽس جي نائب صدر پاوني ديوان جي ڪمپني جي ان نئين قدم جو خاڪو پيش ڪيو جنهن تحت واهپيدارن کي انهن جي ڄم جي تاريخ جي فراهمي تي زور ڏنو ويندو (جيڪڏهن هو اها اڳ کان ڏنل ناهي ته).
سالگرهه جا تفصيل گھرڻ جي نوٽيفڪيشن کي شروعات ۾ ڪجهه ڀيرا رد ڪري سگھبو، پر آخر ۾ انسٽاگرام جو استعمال جاري رکڻ لاءِ اوهان کي لازمي طور تي اهي تفصيل فراهم ڪرڻا پوندا.
انسٽاگرام تي حساس مواد واريون پوسٽس اڳ ئي ڌنڌليون ڪري ڏيکاريون وينديون آهن پر ان قدم کان پوءِ هاڻ کي ڌسڻ لاءِ سالگرهه جي مناسب ڄاڻ گھربل هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔