اخروٽ کائڻ سان خطرناڪ بيمارين جو خاتمو

جيتوڻيڪ سائنسي تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته اخروٽ کائڻ سان دل، دماغ ۽ رت کي نظام کي گھڻو فائدو ٿئي ٿو ۽ هاڻ ان ڏس ۾ وڌيڪ تحقيق سامهون آئي آهي جنهن جو خلاصو اهو آهي ته روزانو اڌ ڪپ اخروٽ کائڻ سان دل جي مرضن ۽ ڪولسٽرول جي خطرن کي تقريبن 8.5 سيڪڙو تائين گھٽائي سگھجي ٿو.
ان ڪري وڏي عمر جا ماڻهو اخروٽ کي پنهنجي غذا ۾ شامل ڪن. ان ڏس ۾ اسپين جي هاسپيٽل ڪلينڪ بارسلونا 628 ڄڻا ڀرتي ڪيا ۽ انهن مان اڌ ماڻهن کي روزانو اخروٽ کائڻ جو چيو ويو ۽ اهو سلسلو ٻن سالن تائين جاري رهيو. ٻن سالن کان پوءِ نتيجو اهو نڪتو ته اخروٽ کائڻ سان لوڊينسٽي لائپو پروٽين ( ايل ڊي ايل) پروٽين جي مقدار ۾ گھڻي گھٽتائي نظر آئي جنهن کي هاڃيڪار ڪولسٽرول چيو ويندو آهي. جيڪڏهن ايل ڊي ايل ڪولسٽرول پنهنجي کان وڌي وڃي ته رت جون ڳوڙهيون ٺهڻ جو عمل شروع ٿي سگھي ٿو جنهن سبب فالج ۽ دل جي مرضن جي شرح وڌي سگھي ٿي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جن ماڻهن ٻن سالن تائين اڌ ڪپ روزانو اخروٽ کائڻ کي معمول بڻايو انهن جي رت ۾ نه رڳو ايل ڊي ايل ذرڙن جي گھٽتائي ٿي پر ننڍا ترين ايل ڊي ايل ذرڙا به ختم ٿي ويا.
آمريڪن هارٽ ايسو سيئيشن موجب اخروٽ ۾ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز هوندا آهن جيڪي دل جي حفاظت ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اخروٽ کائڻ سان دل جي مرضن جو خطرو ساڍا اٺ سيڪڙو تائين گھٽجي سگھي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔