جو روٽ ٽيسٽ بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو

دبئي : انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان جو روٽ ٽيسٽ بيٽسمينن جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو.
آءِ سي سي (انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل) جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ جو روٽ 6 ورهين کانپوءِ ٻيهر ٽيسٽ بيٽسمين بڻيو آهي.
30 ورهين جي جو روٽ گذريل 11 ميچن ۾ 69.9 جي ايوريج سان هڪ هزار 3 سئو 98 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن ۾ 6 سينچريون به شامل آهن.
انگلينڊ ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ جاري ٽيسٽ سيريز ۾ برطانوي ڪپتان هيل تائين ٽنهي ٽيسٽ ميچن ۾ سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي.
ٻنهي ٽيمن ۾ سيريز 1-1 تان برابر آهي ۽ خميس کان شروع ٿيندڙ چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ به جو روٽ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔