آمريڪا، برطانيه ۽ آسٽريليا پاران شهرين کي ڪابل ايئرپورٽ نه وڃڻ جي هدايت

ڪراچي: آمريڪا، برطانيه ۽ آسٽريليا پنهنجي شهرين کي ڪابل ايئرپورٽ ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽنهي ملڪن جي طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد حملي جو خدشو آهي، ان جي ڪري شهري ڪابل ايئرپورٽ کان پري رهن.

برطانوي عملدارن پنهنجي شهرين کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪو شهري ڪابل ايئرپورٽ جي علائقي ۾ آهن اهي نڪري ڪنهن محفوظ هنڌ تي هليا وڃن، برطانوي شهري ڪنهن ٻئي ذريعي سان نڪري سگهن ٿا ته فوري نڪري وڃن.ٻئي پاسي ڪابل ۾ آمريڪي سفارت خاني به پنهنجي شهرين کي ڪابل ايئرپورٽ نه وڃڻ جي ايڊوائزري جاري ڪئي آهي، آمريڪا جي طرفان الرٽ سفارت خاني جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويو آهي پر ان ۾ ڪو به ڪارڻ ناهي ٻڌايو ويو. واضح رهي ته طالبان جو ڪابل تي قبضي کانپوءِ غيرملڪين جي واپسي جو سلسلو جاري آھي، تقريبن 10 ھزار ماڻھو واپسي جا منتظر آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔