سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جنهن حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي ميرپورخاص فيصل بشير ميمڻ کي ھٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي. چوڌري اسد کي ايس ايس پي ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سڪرنڊ مان ڪمانڊو سينٽر جي ايس پي جمن جويو کي به ھٽائي کيس سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي. ايس ايس پي نوشھروفيروز الطاف لغاري کي بدلي ڪري ايس پي ڪمانڊو سينٽر سڪرنڊ ۽ عبدالقيوم پتافي کي ايس ايس پي نوشھروفيروز مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔