سوناڪشي سنها پنهنجي مداح جي دل ٽوڙي ڇڏي

ممبئي: بالي ووڊ جي دبنگ اداڪارا سوناڪشي سنها پنهنجي مداح جي دل ٽوڙي ڇڏي.
سوناڪشي سنها فلمن ذريعي ته پنهنجي مداحن کي تفريح فراهم ڪندي آهي پر هوءَ سوشل ميڊيا تي به پنهنجي چاهيندڙن سان رابطي ۾ رهندي آهي.
مقبول ترين سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي سوناڪشي سنها جا 20 ملين کان وڌيڪ فالوئر آهن ۽ اڪثر سوناڪشي انسٽاگرام تي پنهنجي مداحن طرفان پڇيل سوالن جا جواب به ڏيندي آهي.
سوناڪشي سنها تازو انسٽاگرام تي ”آسڪ مي ايٿي ٿنڪ“ سيشن دوران مداحن طرفان پڇيل سوالن جا جواب ڏنا، ان دوران هڪ مداح اداڪارا کان پڇيو ته ڇا توهان مون سان شادي ڪندئو؟ جنهن تي سوناڪشي جواب ڏيندي چيو ته في الحال انسٽاگرام تي شادي جي آڇ قبول نه پئي ڪيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔