طالبان نواردات ۽ ڊالر ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

ڪابل : طالبان ڪابل تي قبضي کانپوءِ مڪمل ۾ بااختيار ڌُر بڻجي ويا آهن.
طالبان هن وقت تائين دنيا جي مختلف ملڪن سان گڏجي ڪم سميت ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ حڪومت ۽ قانونن بابت ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا آهن.
انکانسواءِ طالبان هاڻي ملڪ جي نواردات ۽ ڊالر ٻاهر موڪلڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
ترجمان طالبان ذبيح الله مجاهد سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته افغان شهري افغانستان جي نواردات ۽ ڊالر هوائي يا زميني رستن ذريعي ٻاهر موڪلڻ کان پاسو ڪن.
ذبيح الله مجاهد چيو ته ڀڃڪڙيون ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪو سامان ٻاهر موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي اهو ضبط ڪيو ويندو ۽ ڄاڻايل ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته طالبان پنجشير وادي کانسواءِ سڄي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ انهن طرفان ڪيترن ئي اهم عهدن تي مقرريون به ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔