بابر اعظم به عمران خان جي نقشِ قدم تي هلڻ جو خواهشمند

جميڪا: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ پلان موجب کيڏيو هو، فواد عالم سان ڀائيواري ۽ شاهين جي بالنگ ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته پهرين ميچ هارائڻ کانپوءِ دٻاءُ نه هو پر غلطين جو اندازو ضرور هو، غلطين مان سبق سکيو سين ۽ پراعتماد انداز ۾ ميچ لاءِ ميدان ۾ لٿاسين.
هن چيو ته عمران خان منهنجو آئڊيل ڪپتان آهي، اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ان جي ڪپتاني جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌيو آهي، ان جهڙو ئي ڪپتان بڻجڻ چاهيان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔