لاڙڪاڻي کان پوءِ ڪراچي ۾ به ايڇ آءِ وي(ايڊز) پکڙجڻ جو انڪشاف

ڪراچي: لاڙڪاڻي کان پوءِ ڪراچي ۾ به ايڇ آءِ وي ايڊز پکڙجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ان حوالي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ 70 کان 78 هزار ايڇ آءِ وي مريض آهن. انهن مان صرف 13 هزار 864 مريض رجسٽرڊ آهن. متاثر ٿيندڙن ۾ 9166 مرد، 2461 عورتون، 1126 ڇوڪرا، 730 ڇوڪريون ۽ 4121 کدڙا فقير شامل آهن. لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي جي رجسٽرڊ ڪيسز جو انگ 2 هزار 430 جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ هزار 89 تائين پهچي ويو آهي.ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي چيو ته ڪراچي ۾ ايڇ آءِ وي جا 6 هزار 768 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ڪراچي جي ضلعي وسطي ۾ سڀني کان وڌيڪ مريض آهن. ضلعي وسطي ۾ ايڇ آءِ وي جا 2 هزار 725 ڪيسز موجود آهن. ضلع جنوبي ۾ 1 هزار 35 ۽ ضلعي غربي ۾ 998، ڪورنگي ۾ 907، ملير ۾ 667 جڏهن ته ضلعي شرقي ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جا 436 مريض موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔