اقتصادي رابطه ڪميٽي ٻه لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) 2 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.رپورٽ موجب ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 2 لک ٽن کنڊ گهرائڻ ۽ انساني همدردي جي بنياد تي شام کي ڪڻڪ امداد طور ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي. اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ ماڪڙ کي قابو ڪرڻ جي لاءِ چين مان ڊرون گهرائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اهي ڊرونز پلانٽ اينڊ پروٽيڪشن کاتي کي ڏنا ويندا. چين مان گهرايل ڊرونز هر قسم جي ٽيڪس کان آجا هوندا.واضح رهي ته گذريل سال پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ماڪڙ جي حملن سبب ڪپهه جي فصل کي نقصان پهتو هو. ان کان علاوه راجن پور ۾ به ماڪڙ جي حملي سبب فصل سخت متاثر ٿيا هئا جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ماڪڙ جي خاتمي لاءِ مشينري تيار ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔