مصباح الحق ويسٽ انڊيز ۾ ڦاسي پيو

جميڪا : قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ سيريز برابر ڪري ڏيهه واپسيءَ لاءِ تيار آهي.
پاڪستان ڪنگسٽن ۾ کيڏيل ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان ٽيم کي 109 رنسن تان شڪست ڏني.
ويسٽ انڊيز ۾ موجود قومي اسڪواڊ ۾ شامل سڀني ميمبرن جي وطن واپسي کان اڳ ٻه ڀيرا ڪووڊ ٽيسٽنگ ڪئي وئي ۽ سڀني مان رڳو هيڊ ڪوچ مصباح الحق جي ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو، جڏهن ته ان ۾ ڪورونا جون ڪي علامتون نه هيون.
مصباح الحق جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ سبب هو ٻين سان گڏ ڏيهه نه موٽي سگهندو، کيس 10 ڏينهن جميڪا ۾ قرنطينه ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ کيس ڏيهه واپسي جي اجازت هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔