ن ليگ چونڊ سڌارن ۽ ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ووٽ چوري ڪرڻ جو منصوبو ۽ پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ان دوکي کي لڪائڻ جو بندوبست آهي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ٻنهي کي رد ڪيون ٿا، ڇو ته اهي ٻئي غير آئيني آهن. هن وزيراعظم جي چونڊ سڌارن ۽ ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڪارو قانون قرار ڏيندي چيو ته اي وي ايم چونڊون چوري ڪرڻ جو منصوبو ۽ پي ايم ڊي اي ان دوکي کي لڪائڻ جو بندوبست آهي، هاڻ نالائق حڪومت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڪاري قانون کي پاس ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي پر ان سان نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن نه لڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔