نفيسه شاهه جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان سوگهو، سمورا نجي گارڊ ۽ پوليس اهلڪار معطل

خيرپور: اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي نياڻي پ پ ايم اين اي نفيسه شاھه جي ڪمري ۾ مبينا طور داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ منگھنواري جي رهواسي قيصر ولد جان محمد سھاڳ طور ٿي.اي سيڪشن پوليس موجب، رات دير سان جيلاني ھائوس ۾ نوجوان قيصر خان سھاڳ داخل ٿيو ته موجود ماڻهن کي پڪڙي ورتو، جاچ دوران ھن ٻڌايو ته نوڪري وٺڻ لاءِ ويو هئس، نوجوان جو ذھني توازن ٺيڪ ناهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ايم اين اي نفيسه شاھه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پنهنجي پرسنل گارڊ سميت جيلاني ھائوس تي ڊيوٽي سر انجام ڏيندڙ سمورن پوليس اھلڪارن کي معطل ڪرائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔