پنجاب جي پارڪس ۾ ٽڪ ٽاڪرز جي داخلا تي پابندي جو فيصلو

لاھور: پنجاب حڪومت صوبي جي تمام پارڪس ۾ ٽڪ ٽاڪرز جي داخلا تي پابندي جو فيصلو ڪيو آھي، ذريعن موجب پابندي جي تحت يو ٽيوبرز ۽ ٽڪ ٽاڪرز پارڪس ۾ اچي ڪنھن قسم جي وڊيو نٿا ٺاھي سگھن، جڏھن تھ صرف قومي ميڊيا کي وڊيو بڻائڻ جي اجازت ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آھي تھ سوشل ميڊيا جي لاءِ وڊيو ٺاھڻ لاءِ اجازت اسڪرپٽ اڳ ۾ جمع ڪرائڻ مشروط ھوندو، جڏھن تھ پارڪس ۾ مقرر سيڪيورٽي اھلڪار ٽڪ ٽاڪرز ۽ يو ٽيوبرز تي نظر رکندا.ذريعن موجب پنجاب حڪومت سمورن وڏن پارڪن ۾ فيملي کانسواءِ داخلا تي بھ پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جڏھن تھ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي يونيفارم وارن شاگردن کي پاڪرس ۾ وڃڻ جي اجازت نھ ھوندي، جڏھن تھ پابندي جي حتمي منظوري پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔