سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران سئي سدرن گئس ڪمپني جي رپورٽ تي بي اطميناني ظاهر

ڪراچي: ٽن مهينن کانپوءِ ٻڌڻي رکڻ جو مقصد هو ته سموريون شيون تفصيل سان پيش ڪيون وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان گئس پيدا ڪندڙ علائقن ۾ گئس فراهمي ۽ ترقياتي ڪمن بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران سئي سدرن گئس ڪمپني جي رپورٽ تي بي اطميناني ظاهر ڪيو ويو آھي، رپورٽ ۾ ايس ايس جي سي طرفان 98 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل رپورٽ ۾ 85 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، تفصيلن سان ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي منصوبي تي ڪيترو ڪم ٿي چڪو آهي؟ سنڌ سرڪار ترقياتي اسڪيمز بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔