شرجيل ميمڻ خلاف فرد جرم جي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ اڄ شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ريفرنس ۾ شريڪ ملزمه عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي ان ڪري جوابدارن خلاف فرد جرم جي ڪارروائي هڪ ڀيرو وري ملتوي ڪئي وئي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن جي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻين جوابدارن ۾ اظهار حسين، سبحان آغا هسين، شوڪت علي، ذيشان، وسيم سهيل ۽ زينت شامل آهن جڏهن ته مفرور جوابدارن ۾ سيف الله ۽ ڪامران شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔