نئين ميڊيا اٿارٽي: چينلن تي 25 ڪروڙ تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چيو آهي ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) تحت ٽي وي چينلن تي 25 ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪري سگهجي ٿو جتي ان کان اڳ موجود قانونن تحت چينلن تي 10 لک رپيا ڏنڊ هوندو هو.سومر ڏهاڙي تي ڊجيٽل براڊ ڪاسٽرز سان گڏ هڪ بيان ۾ وفاقي زوير نشاندهي ڪئي ته پاڪستان اليڪٽرڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي(پيمرا) هڪ امير ادارو هو پر بدقسمتي سان هن پنهنجي قائم ٿيڻ کان هن وقت تائين صحافين جي تربيت، تحقيق ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔