چيف جسٽس گلزار احمد سميت ڪيترن ئي ججن جا پلاٽ قرعه اندازي ۾ نڪتا

اسلام آباد: هائوسنگ ۽ ورڪس واري وفاقي وزارت پاران وفاقي ادارن جي ملازمن لاءِ رهائشي اسڪيم جي پلاٽن واري قرعه اندازي ٿي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد سمت 3 ججن جا 500 گز جا پلاٽ نڪتا. جن ٻين ججن جا پلاٽ نڪتا تن ۾ جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس فيصل عرب، جسٽس انور ظهير جمالي، جسٽس شيخ نجم الحسن، امير هاني مسلم، جسٽس رياض احمد خان، جسٽس عبداللطيف خان، جسٽس رانا محمد شميم، جسٽس ملڪ منظور حسين، جسٽس اعجاز افضل خان، جسٽس راجا جلال الدين، جسٽس محمد دائود خان، جسٽس ارشاد قيصر، جسٽس يار محمد، جسٽس ظهور شاهواڻي ۽ ٻيا ڍ شامل آهن. اها رهائشي اسڪيم اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 14/15 ۾ فيز ستين ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔