پي آءِ اي برطانيه ۾ تاريخي فيصلو کٽي ورتو

ڪراچي: پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن ( پي آءِ اي) برطانيه جي سپريم ڪورٽ ۾ تاريخي ڪيس کٽي ورتو، برطانوي سپريم ڪورٽ 2012 ۾ پي آءِ اي جي طرفان ٽڪيٽن جي وڪري لاءِ نئون ڪانٽريڪٽ متعارف ڪرائڻ کي درست قرار ڏنو ۽ سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن پي آءِ اي جي حق ۾ گڏيل طور فيصلو ٻڌايو۔ برمنگهم جي برٽش پاڪستاني ٽريول ايجنٽ ٽائمز ٽريول پي آءِ اي جي ڪانٽريڪٽ جي خلاف عدالت سان رابطو ڪيو هو. ٽائمز ٽريول جو موقف هو ته 2012 ۾ معاشي دٻاءُ کانپوءِ هن کي ڪميشن جي ادائگي جي بنا نئون معاهدو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. عدالت ۾ پي آءِ اي نمائيندگي فاراني سوليسسٽرز ڪئي ۽ فرحان فاراني چيو ته هن عدالتي فيصلي جي انگلش قانون تي به اثر پوندا. فرحامن فاراني جو چوڻ هو هي مامرو ايتري قدر سنگين هو ته روس ۽ يوڪرين به هن مامري ۾ مداخلت ڪئي، ان جي ڪيسن به ان جا اثر پوندا. هن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موثر طور تي واپاري معاهدن جي حدن کي تعين ڪندو، هن فيصلي کانپوءِ پي آءِ اي کي ٽڪيٽن ي فيول سرچارج جي مد ۾ اجنٽس کي ڪميشن ادا نه ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔