سنڌ پوليس ميڊيا ايس او پيز تيار ڪري ورتيون، عملدرآمد لاءِ حڪمنامو جاري

ڪراچي: سنڌ پوليس ميڊيا ايس او پيز تيار ڪري ورتيون، عملدرآمد لاءِ آءِ جي طرفان حڪمنامو جاري ڪيو ويو. پوليس ڪارڪردگي يا پوليس خلاف هلندڙ خبرن بابت اي آءِ جي آپريشنز مانيٽرنگ روم ڊائريڪٽر پريس کي آگاهه ڪندو،حڪمنامي موجب پوليس ڪلنگ، ٽارگيٽ ڪلنگ، قتل ڦر ۽ ٻين سنگين ڏوهن بابت هلندڙن خبرن کان به اي آءِ جي آپريشنز مانيٽرنگ روم ڊائريڪٽر پريس کي آگاهه ڪندو، ڊائريڪٽر پريس ڄاڻايل خبرون لاڳاپيل ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز سان شيئر ڪندو، لاڳاپيل ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز ڊائريڪٽر پريس سي پي او کي موقف کان آگاهه ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔