طالبان جي ڳالهين تي يقين نه آهي، جيڪو چون ٿا ان تي عمل ڪڏهن ٿيندو: آمريڪا

ڪراچي: آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته طالبان جي ڳالهين تي يقين نه آهي، جيڪو چئي رهيا آهن ان تي عمل ڪڏهن ٿيندو، هي ڏسنداسين، ترجمان نيڊ پرائس جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته طالبان انساني حقن بابت ڪيل واعدن تي عمل ڪندا، جيڪڏهن طالبان چون ٿا هو شهرين کي حقن جو احترام ڪندا ته اميد ڪيون ٿا هو پنهنجي بيان تي ثابت قدم رهندا.ٻئي پاسي وائٽ هائوس ۾ بريفنگ ڏيندي امريڪي سلامتي جي مشير جيڪ سيلوان چيو ته طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو سوال وقت کان اڳ آهي، طالبان جو ٽريڪ ريڪارڊ سٺو ناهي رهيو، طالبان جي طرز عمل تي منحصر ٿيندو ته دنيا کي ڏيکارين ته هو ڪير آهن ۽ ڪيئين اڳتي وڌڻ چاهين ٿا، قومي سلامتي جي مشير تسليم ڪيو ته طالبان آمريڪي هٿيار ۽ اوزرن جي وڏي ذخيري تي قبضو ڪيو آهي، احساس آهي طالبان هي سامان آساني سان واپس نه ڪندا، هن چيو آهي ته ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ امريڪي صدر ڪنهن به عالمي اڳواڻ کان ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔