سردار علي گوهر مهر جي اڳوڻي اتحادي سردار رحيم بخش بوزدار سان ملاقات

جروار: جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر مهر پنهنجي اڳوڻي اتحادي سردار رحيم بخش بوزدار وچ ۾ بوزدار ھاؤس ۾ ملاقات ٿي. ذريعن موجب ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گھوٽڪي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي پراڻن اتحادين ۾ ملاقات ٿي اھڙي ملاقات جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، جن م ٻئي سردار خوشگوار موڊ ۾ ڏسي سگھجن ٿا.ذريعن موجب ٻنھي سردارن وچ ۾ دورين بعد ھي اھم ملاقات آھي جن کي سياسي حلقا ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان وڏي اھميت سان ڏسي رھيا آھن. ان حوالي سان رحيم بخش بوزدار موجب ته ھي ملاقات اتفاقي ھئي. بوزدار سردار موجب ھو پنھنجي بنگلي کان ٻاھر نڪتو ته اوچتو سردار علي گوھر سان ملاقات ٿي وئي ۽ کيس چانھن لاءِ بوزدار ھاؤس تي مدعو ڪري وٺي آيس. رحيم بخش بوزدار موجب ته ھن جي سياسي وابستگي پيپلزپارٽي سان آھي، مھر خاندان سان ھن جا پراڻا واسطا آھن ء ٻنھي گھراڻن وچ ۾ عزت ء احترام جو تعلق آھي پر سياسي وابستگي ھاڻي علي گوھر مھر سان ناھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔